مواد ڏانھن هلو

پاڪستاني حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش، 1995ع

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
آپريشن خليفا
تاريخآڪٽوبر 1995ع
مقاماسلام آباد، پاڪستان
نتيجو

حڪومت ڪيرائڻ جي ناڪام ڪوشش

  • بينظر جي حڪومت جاري رھي
  • سازشي گرفتار ٿيا[1]
شريڪ جنگ
پاڪستان پاڪستان حڪومت پاڪستان فوج جا ڪجھ آفيسر
سپهہ سالار ۽ رهنما
بينظير ڀٽو جنرل ظهير الاسلام عباسي
برگيڊيئر مستنصر باللہ

پاڪستاني حڪومت ڪيرائڻ جي ڪوشش، 1995ع (انگريزي: 1995 Pakistani coup attempt)، جنھن کي آپريشن خيلفا جي نالي سان بہ سڃاتو ويندو آھي، پاڪستان جي تڏھوڪي وزيراعظم بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ لاءِ گهڙيل ھڪ فوجي سازش جو نالو آھي. آپريشن جو مقصد پاڪستان جي آئيني حڪومت کي ختم ڪري فوجي حڪومت جو قيام ھو، ھي سازش ڳجھن اداران پڪڙي ۽ بعد ۾ پاڪستان جي فوج کي ان بابت آگاھ ڪيو. ھي سازش ڪامياب نہ ٿي سگهيو، پر تنھن باوجود ھن سازش بينظير ڀٽو جي حڪومت کي ڪمزور ڪري ڇڏيو.

پسمنظر

[سنواريو]

محمد ضیا الحق جي 11 سالا آمريت جي خاتمي کان پوءِ بينظير ڀٽو جي سربراھي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽي 1988ع جي عام چونڊن ۾ اڪثريت حاصل ڪئي.

اڳوڻيون سازشون

[سنواريو]
اصل مضمون جي لاءِ ڏسو آپريشن مڊنائيٽ جيڪال

1989ع ۾ نٽر سروسز انٽيليجنس (آئي ايس آئي) پاران بينظير ڀٽو جي حڪومت ڪيرائڻ جي ھڪ سازش بي نقاب ٿي. آپريشن مڊنائيٽ جيڪال جي نالي سان ڪيل سازش ۾ ملوث ميجر عامر مطابق ھو محمد نواز شريف کي پسند ڪندو ھو، ۽ بينظير جي حڪومت ڪيرائي ھو نواز شريف کي وزيراعظم ڏسڻ جو خواھشمند ھو.

وڌيڪ ڏسو

[سنواريو]

حوالا

[سنواريو]