مواد ڏانھن هلو

وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

وڪيپيڊيا ۾ ڇا توھان کي خبر آهي صفحا

هن تاري مان مراد ڇا توھان کي خبر آهي صفحا آهي.
هن تاري مان مراد ڇا توھان کي خبر آهي صفحا آهي.

هي مواد رڪارڊ آهي، جيڪو مُک صفحي تي ڇا توھان ڄاڻو ٿا ڀاڱي ۾ شامل ڪيا ويا هئا. ڇا توهان ڄاڻو ٿا ۾ نوان مضمون، پراڻا بهتر ڪيل ڪچا مضمون يا بهترين مضمون مان ڪو دلچسپ ٽڪرو کڻي سگھجي ٿو. اوهان به ڪنهن مضمون مان ڪو حصو ڏيڻ لاءِ بحث صفحي تي لکو.

موبائيل کان سواءِ اسان جي ويب سائيٽ ۾ کاٻي پاسي کان مضمون جي مٿان، تاري جي نشان (This star symbolizes the DYK content on Wikipedia.) مان مراد ڇا توھان کي خبر آهي صفحن جي تصديق هوندو آهي. موبائيل ۾ اهو تارو نظر نه اچي ته اوهان "ميزڀر" کي ٺِڙِڪ (ڪِلڪ) ڪري، ڇا توھان کي خبر آهي صفحن هجڻ بابت ڄاڻي سگھو ٿا.

اختصار:
ڇا توھان کي خبر آهي

اوزار ڇا توھان کي خبر آهي:


فهرست


ڇا توھان کي خبر آھي...؟ سال 2024ع

انڊس اسڪرپٽ فونٽ
انڊس اسڪرپٽ فونٽ

عرب دور ۾ سنڌ جو نقشو
عرب دور ۾ سنڌ جو نقشو
  • ... تہ چچ نامي جو اصل ليکڪ علي ڪوفي ناھي؟ ھن صرف نامعلوم لکيڪ پاران لکيل عربي ڪتاب جو فارسي ترجمو ڪيو ھو.
  • ... تہ ڪن تاريخدانن مطابق سما حڪمران ڄام راءَ ڏنو ۽ ڄام سنجر هڪ ئي ماڻهو جا ٻہ نالا آهن.

زمين جا اندريان حصا
زمين جا اندريان حصا

هنگلاج ماتا
هنگلاج ماتا

گرو نانڪ
گرو نانڪ
  • ... تہ مَٽيارين جو موتُ ويندي... چوڻي ھڪ فتوا سبب مشھور ٿي، جنھن ۾ چيل ھو تہ ڪو هندو ”ادا“، ”ڀائو“ وغيرہ چوي تہ ان کي زوري مسلمان ڪيو وڃي.
  • ... تہ ٿر ۾ 18ھين صدي جي آخر ۾ مھا ڏُڪار آيو، جنھن کي ڇپنو ڏڪار چيو ويندو آھي.
  • ... تہ ماتا ترپتا ھندو ڌرم سان تعلق رکندي ھئي ۽ بعد ۾ مذھب تبديل ڪري سک ٿي، سک ازم جو باني سندس پٽ گرو نانڪ (تصوير) ھو.
  • ... تہ انسائيڪلوپيڊيا برٽانيڪا جو آخري ڇپيل ايڊيشن 32 جلدن ۽ 32،640 صفحن تي ٻَڌل آهي.
  • ... تہ دنيا جي سڀني پوڄائن مان لنگ جي پوچا جو رواج نهايت قديم آهي.

ھيرا ديوي
ھيرا ديوي
  • ... تہ حر ڪئمپ جوهي جيڪو اٽڪل ويهارو کن ايڪڙن تي پکڙيل آهي ھتي حرن کي ڪٽنبن سميت قيد ڪيو ويندو ھو، ان لاءِ ھن کي حرن جو لوڙهو بہ چيو ويندو آهي.
  • ... تہ هيرا (تصوير) قديم يوناني مذهب ۽ ڏندڪٿائن ۾ پرڻي، زال، ٻارڄمڻ، ۽ ڪُٽنب جي ديوي ھئي.
  • ... تہ ذمي ھڪ تاريخي لفظ آهي جيڪو اسلامي رياست ۾ انھن غيرمسلم ماڻھن لاء استعمال ٿيندو ھو جن جي حفاظت جي ذميداري رياست جي مٿان ھوندي ھئي.
  • ... تہ پاڪستان جي آئين جي شق 6 مطابق ڪو بہ شخص آئين کي غير آئيني طريقي سان ختم ڪري يا ان جي ڪوشش ڪري تہ وڏي بغاوت جو ڏوهاري ٿيندو.
  • ... تہ خانبهادر جو لقب برطانوي راڄ دوران احترام خاطر ھندوستان جي مسلمانن کي ڏنو ويندو ھو، جڏھن تہ ھندن کي راءِ بھادر جو لقب ملندو ھو.

سوفي جي دنيا جو جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور
سوفي جي دنيا جو جرمن ٻولي ۾ شايع ٿيندڙ ترجمي جو ڪور
  • ... تہ عورتن جو ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ مردن جي ڪرڪيٽ ورلڊ ڪپ کان ٻہ سال اڳ شروع ٿيو ھو؟
  • ... تہ قديم يوناني رياستن ۾ عالمن جو هڪ اهڙو گروهہ بہ ھو جيڪو معاوضي عيوض سياست، فن تقرير ۽ منجهيل معاملن تي سکيا ڏيندو هو. اهڙن پگهاردار عالمن کي سوفسطائي چيو ويندو هو؟
  • ... تہ نورواهہ ميان نورمحمد ڪلهوڙي کڻايو هو، جنهن تان مٿس نورواھہ نالو پيو.
  • ... تہ سنڌي ٻوليءَ جي پهرين فلم جو نالو ايڪتا هو، هيءَ فلم 1934ع ڌاري ٺهڻ شروع ٿي ۽ 1942ع ۾ مڪمل ٿي.
  • ... تہ سوفيءَ جي دنيا ناروي ۾ سڀ کان وڌيڪ وڪامندڙ ناول آهي. هن ناول جو انگريزي ترجمو 1995ع ۾ شايع ٿيو، ان سال هي انگريزي جو وڌيڪ وڪامندڙ ڪتاب پڻ ثابت ٿيو.

لينسڊائون پل سکر
لينسڊائون پل سکر
  • ... تہ پوتر رومي سلطنت ذريعي ڪوشش ڪئي وئي، تہ سڀني مسيحي ملڪن کي مذهبي جذبي تحت ملائي هڪ ئي رياست قائم ڪئي وڃي.
  • ... تہ لوھاڻڪو اسڪرپٽ سنڌي ٻوليءَ جو قديم رسم الخط هو، جنھن کي ٺٽي ۽ برھمڻ آباد ۾ لوھاڻا استعمال ڪندا ھئا.
  • ... تہ سکر لئنسڊائون پل (تصوير) جو خاڪو جان جيڪب ٺاھيو ھو جيئن سکر ۽ روهڙيءَ کي گڏائي سگهجي.
  • ... تہ سنڌ ۾ ٽپال پهچائيندڙ گهوڙي يا اُٺ کي اولاڪ سڏيو ويندو ھو، ۽ اھي ھر چئن ڪوهن تي بدلبا هئا.
  • ... تہ ٺيڙھي ڪوس کي سنڌ ۾ شيعن مٿان ٿيندڙ پھرين حملي طور ڏٺو وڃي ٿو، جنھن ۾ 118 ماڻھن کي قتل ڪيو ويو ھو.

ايمپيڊوڪليز جي خيالي تصوير
ايمپيڊوڪليز جي خيالي تصوير

دھلي ۾ ھڪ پروگرام دوران ھو جمالو تي رقص ڪندي
دھلي ۾ ھڪ پروگرام دوران ھو جمالو تي رقص ڪندي

2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
2008ع تي ويلو ناچيار جي تصوير انڊيا جي ٽپال ٽڪلي تي جاري ڪئي ويئي.
  • ... تہ ڪرھو اوسيئڙي ۽ وڇوڙي جو لوڪ گيت آهي جنھن کي اوٺي سفر دؤران ڏاڍي درديلي نموني ڳائيندا آهن.
  • ... تہ دور جاھليت ۾ اھل عرب لات جي پوڄا ڪندا ھئا، جيڪو ھن وقت سعودي عرب جي شھر طائف ۾ رکيل آھي.
  • ... تہ سکر ۾ 1895ع ۽ 1915ع ۾ طاعون جي وبا پکيڙي جنھن سبب ھزارين ماڻھو اجل جو شڪار ٿيا.
  • ... تہ ويلو ناچيار کي تامل ماڻھو سورهيه عورت جي لقب سان ياد ڪن ٿا، ھي پھرين راڻي ھئي جنھن برطانوي راڄ خلاف مزاحمت ڪئي.
  • ... تہ تاريخ معصومي مير محمد معصوم بکريءَ جو فارسيءَ ۾ لکيل ڪتاب آهي، جنھن کي سنڌ بابت لکيل فارسي تاريخن مان هڪ آڳاٽو ۽ جهونو ڪتاب تصور ڪيو ويندو آهي.

وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 36


وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 37


وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 38


وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 39


وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 40


وڪيپيڊيا:ڇا توھان کي خبر آهي/2024/هفتو 41