مواد ڏانھن هلو

مڪالمو

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

مڪالمو (انگريزي: Dialogue يا dialog)، لکت یا گفتگو دوران ڳالهه ٻولهه جي اهڙي ڏي وٺ کي چئجي ٿو جيڪا ڪن به ٻن ماڻهن جي وچ ۾ واقع ٿئي يا ته وري ڪنهن ادبي تصنيف يا ناٽڪ جي صورت ۾ منچ تي پيش ڪئي وڃي. بيانئي يا فلسفياڻي گفتگو توڙي سکيا سرشتي طور تي اولهه جي ادب ۽ روايات ۾ مڪالمي جي شروعات سقراط جي مڪالمن کان ٿيندي نظر اچي ٿي، جن جي ترويج يوناني فلسفي افلاطون ڪئي. جيتوڻيڪ، ان کان به آڳاٽي زماني جي رواياتن ۾ پڻ مڪالما ملن ٿا جهڙوڪ هندستاني ادب.[1]

20هين صدي عيسوي ۾ ميخائيل باختن، پائلو فريري، مارٽن بيوبر، ۽ ڊيوڊ بوهم جهڙن دانشورن مقالمي کي فلاسافيڪل صنف ڪري مڃڻ جي شروعات ڪئي. مقالمي جي مختلف خاصيتن ۽ تاويلن تي ڳالهائيندي انهن دانشورن مقالمي جي هڪ ڪُليَتي مفهوم جي پرچار ڪئي آهي، جنهن مطابق مقالمو هڪ اهڙي گهڻ رُخي، تغير پذير، ۽ موضوع آڌارت گفتگو ڪرڻ جو عمل آهي، جنهن سان ڪنهن حتمي راءِ، معنيٰ يا تت تائين رسائي حاصل ڪري سگهجي.[2]

برک تعليمدان جهڙوڪ پائلو فريري ۽ رامون فليچا به تعليم جي ميدان ۾ اهڙا نظريا ۽ طريقيڪار وضع ڪيا آهن جن سان مساواتي مقالمي کي هڪ تدريسي اوزار يا طريقيڪار طور ڪتب آڻي سگهجي.[3]

حوالا

[سنواريو]

خارجي ڳنڍڻا

[سنواريو]
خيالن جي منتقلي
پنهنجي پاڻ سان ڳالهائڻ، دماغي پنهنجو پاڻ يا ٻي سان بغير جواب ڏيئي ڳالهاڻڻ، زباني ٻن ماڻهن جي وچ ۾ ڳالهه ٻولهه، زباني
خيال مونو لاگ مڪالمو