قھو
ڏيک
قهو جنھن کي عربي ۾ مشط الغول، فارسي ۾ درخت شانه، ھندي ۽ ٻين مقامي ٻولين ۾ کهيگئي، ڪيڪه ۽ قهغب سڏيندا آهن. هي وڏو وڻ ٿئي ٿو، هن جا پن موريءَ جي پنن جهڙا ٿين ٿا. ھي سنڌ ۾ پڻ ملندو آهي. ان جي ڪاٺي ڏاڍي مضبوط ھوندي آھي.
طب
[سنواريو]هن جا پن ۽ پاڙون ڪاڙهي پيارڻ سان پراڻي کنگهه، دمڪشي، سيني جي سور، خوني ۽ بادي بواسير، پرميل، مثاني جي ڦٽ، سرد تپن ۽ سنڌن جي سور لاءِ مفيد آهي. ڪچي بلغم کي پچائي ٻاهر ڪڍندو ۽ پيشاب کي جاري ڪري ٿو. هن جو ٻج رت جي دستن، رواجي دستن، سوري، پيچش ۽ جلندر کي فائدو ڏئي ٿو[1]
حوالا
[سنواريو]- ↑ ڪتاب فرھنگ جعفري :؛ ليکڪ: حڪيم محمد جعفر؛ايڊيشن: 2007؛ پبلشر: سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو