مواد ڏانھن هلو

جوليس سيزر

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان

سانچو:خانہ معلومات صاحب منصب/عربیجوليس سيزر (100 ق.م. - 15 مارچ، 44 ق.م) رومن سلطنت جو هڪ فوجي جرنيل ۽ حڪمران هيو، جنھن رومي سلطنت کي ايترو تہ وڌايو جو اها آفريڪا کان يورپ تائين پکڙجي وئي.

هو سڪندر اعظم کان تمام گهڻو متاثر هو ۽ هڪ فاتحِِ عالم بڻجڻ چاهيندو ھيو، پر هو دنيا کي فتح ڪرڻ ۾ سڪندر اعظم جو مقابلو ڪري نہ سگهيو. اليگزينڊر اعظم وانگر، جوليس سيزر پڻ ڄمڻ کان مرگهي جو مريض ھو. گرفتاريءَ دوران هو عدالت ۾ بيھوش ٿي ويندو هو.

هن حریف جرنيل پومپي کي شڪست ڏني ۽ اليگزينڊريا ۾ ان کي قتل ڪيو ويو.

جڏهن هن مصر کي فتح ڪيو تہ هو اتي جي راڻي قلوپطره جي زلفن جو قيدي بڻجي ويو ۽ گهڻو وقت اتي رهيو. مصر مان واپسي تي، قيصر روم جي معاملن کي رياست جي سربراه جي حيثيت سان سنڀاليائين ۽ شايد ھو دنيا جو پھريون جرنيل بادشاھ ھو.

هڪ طرف رومي سلطنت جي ڪائونسل قيصر کي اٽليءَ کان سواءِ سڀني ملڪن جو بادشاھ بڻائڻ جو فيصلو ڪيو ۽ سندس تخت تي ويھڻ جي تاريخ مقرر ڪئي ٻئي طرف ھن جي ساٿي مارڪوس جونيئس بروٽس ٻين سان ملي ڪري ھن جي قتل جي سازش شروع ڪري ڇڏي. هنن چيو تہ سيزر کي بادشاھ ٿيڻ جو ڪو بہ حق نہ هو ڇو تہ بادشاھ ٿيڻ رومن قانون جي خلاف هو. ان سان صرف سيزر روم جي ڪاري ۽ اڇي جو مالڪ بڻجي ويندو.

15 مارچ 44 ق.م تي کيس سر درٻار ۾ قتل ڪيو ويو. قاتلن جو سردار برٽس ھو. سيزر، قاتلاڻي حملي ۾ پنھنجي ساٿيءَ جي شرڪت ڏسي چيو، ”بروٽس، تون بہ؟ پوءِ تہ سيزر کي ضرور مري وڃڻ کپي.

سيزر کي قتل ڪرڻ کان پوءِ قاتلن سندس رت ۾ هٿ ڌوئي آزاديءَ جا نعرا بلند ڪيا.

سيزر جي قتل سبب روم ۾ گهرو ويڙھ شروع ٿي وئي جنھن ۾ بروٽس پنھنجن سمورن ساٿين کي قتل ڪري ڇڏيو جڏهن تہ هن خودڪشي ڪئي.

تصويرون[سنواريو]

حوالا[سنواريو]