مواد ڏانھن هلو

اديب الحسن رضوي

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
(اديب رضوي کان چوريل)

مشهور ڊاڪٽر اديب رضوي ڪراچيءَ مان ايم.بي.بي.ايس. جي ڊگري وٺڻ کان پوءِ اعليٰ تعليم جي حصول لاءِ برطانيه هليو ويو. سال 1972ع ۾ واپس آيو ته ڪراچيءَ جي سول اسپتال ۾ اسسٽنٽ پروفيسر طور مقرر ٿيو. سندس ڪوششن سان ڪراچي سول اسپتال ۾، ملڪ جو ٻيو نمبر وڏو شعبو ”يورالاجي“ قائم ٿيو. آهستي آهستي ترقي ڪندي، ان شعبي ”سنڌ انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي ائنڊ ٽرانسپلانٽيشن“ جي صورت اختيار ڪري ورتي، جنهن جو شمار ايشيا جي بهترين طبي ادارن ۾ ٿئي ٿو. هن اداري ۾ او پي ڊي جي مريضن سميت، سال ۾ هڪ لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويندو آهي. مريضن جو سموريون ٽيسٽون مفت ۾ ڪيون وينديون آهن. بُڪين جي تبديليءَ جو پهريون آپريشن پڻ ڊاڪٽر صاحب، هن ئي اداري ۾ 20 نومبر 1985ع تي ڪيو هو ۽ سال 2009ع تائين هزارين اهڙا آپريشن، ڊاڪٽر صاحب خود به ڪري چڪو هو. هو پاڪستان ۾ بڪين جي پيوندڪاريءَ جو وڏو ماهر ڊاڪٽر آهي. سندس خدمتن جي مڃتا طور ڪيترائي اوارڊ به مليا اٿس.[1]

حوالا

[سنواريو]