حسن ابن علي
حَسَن ٱبْن عَلِي | |||||
---|---|---|---|---|---|
خليفو
المجتبیٰ[1] | |||||
اسلامي خطاطي ۾ حسن رضه جو نالو | |||||
اسلامي خلافت جو پنجون خليفو (سني جو نقطه نظر | |||||
661-661 | |||||
پيشرو | علي | ||||
جانشين | معاويه پھريون پھريون اموي خليفو | ||||
ٻيون نمبر امام شيعن جو نقطه نظر | |||||
پيشرو | علي | ||||
جانشين | حسين بن علي | ||||
زالون | List
| ||||
نسل | List
| ||||
| |||||
گهراڻو | بنو ھاشم (علي جو خاندان) | ||||
پيءُ | علي ابن ابو طالب | ||||
ماءُ | فاطمه بنت محمد | ||||
جنم | 1 ڊسمبر
624ع (15 رمضان 3 ھجري[2][3] مدينو, حجاز (ھاڻي سعوديعرب) | ||||
لاڏاڻو | سانچو:وفات جي تاريخ ۽ عمر (28 صفر 50 ھجري) [4][5] مدينو، اميه خلافت (ھاڻي سعودي عرب ) | ||||
تدفين | جنت البقيع مدينو ، سعودي عرب | ||||
مذھب | اسلام |
حَسَن ٱبْن عَلِيّ ٱبْن أَبِي طَالِب(انگريزي: Al-Ḥasan ibn Alīy ibn Abī Ṭālib ) 624–670
(15 رمضان 3ھ تا 28 صفر 50ھ) حضرت علي علیہ السلام ۽ فاطمۃ الزھرا رضه جو وڏو پٽ ۽ محمد ﷺ خدیجہ رضه جو وڏو ڏوھٽو ھيو. حضرت محمد ﷺ جن انھن جو نالو حسن رکيو ھو. ھي نالو ان کان پھريون ڪنھن جو نہ ھو. حضرت محمد ﷺ ان سان ڏاڍي محبت ڪندو ھيو. سندس لقب 'مجتبيٰ' ۽ ڪنیت ابو محمد ھئي. پاڻ شيعن جو حضرت علي کان پوء ٻيون امام ھيو. حضرت علي جي وفات بعد خليفي طور چونڊيو ويو پر ڇھن يا ستن مھينن بعد سندس معاويه سان معاھدو ٿيو جنھن تحت ھن خلافت تان معاويه جي حق ۾ شرطن تحت سبڪدوش ٿي ويو [6] ان کان پوءِ ھن پنھنجي باقي زندگي مديني ۾ گذاري ۽ اتي ئي 45 سالن جي عمر ۾ وفات ڪيائين جتي کيس جنت البقيع ۾ دفن ڪيو ويو. سندس زال تي کيس زھر ڏئي مارڻ جو الزام ڏنو ويندو آهي
[7][8][9][10][11][12]
ولادت
[سنواريو]پاڻ 15 رمضان المبارڪ 3ھ تي مدینہ منوره ۾ پیدا ٿيو. رسول الله جي خاندان ۾ سندن جي پیدائش تمام گھڻي خوشي ھئي. جڏھن مڪي شريف ۾ رسول جا پٽ ھڪ ٻئي پٺيان دنیا کان ويدا رھيا ۽ سوائي ڌيئرن جي پنھنجي اولاد مان ڪوئي نہ بچو تہ مشرڪ طعنہ ڏيڻ لڳا ۽ پاڻ کي وڏو صدمو پھتو ۽ سندن جي تسلّيءَ جي لاءِ قرآن مجید ۾ سورۃ الڪوثر نازل ٿي جنھن ۾ سندن کي خوش خبري ڏني وئي تہ خدا اوھان کي ڪثِرتِ اولاد عطا فرمائي آھي ۽ مقطوع النسل پاڻ نہ پر اوھان جا دشمن ٿيندا. سندن جي ولادت کان پھريون ام الفضل خواب ڏٺو تہ رسول صلي اللہ علیہ و آلہ وسلم جي جسم جو ھڪ ٽڪڙو انھن جي گھر آيو آھي. انھن رسولِ خدا صلي اللہ علیہ وآلہ وسلم کان تعبير پڇي تہ انھن فرمايو تہ تمام جلد منھنجي ڌيءَ فاطمہ جي بدن مان ھڪ ٻار ٿيندو جنھن جي پرورش تون ڪندينءَ.
حسن بن عليءَ کي مدیني ۾ آڻڻ جي پيدائش جي ٽئين سال ڄڻ ته سورۃ ڪوثر جي پھرين تفسير ٿي. دنیا ڄاڻي ٿي تہ انھن حسن بن علي ۽ انھن جي ننڍي ڀاءُ امام حسین جي ذریعي سان اولادِ رسول صلي الله عليه وآله وسلم جي اھا ڪثرت ٿي جو باوجود انھن ڪوششن جي جيڪي دشمنن جي طرفان ھن خاندان جي ختم ڪرڻ جو سدائين ٿينديون رھيون جن ۾ ھزارن کي ڦاھيون ڏنيون ويون. ھزارين تلوارن سان قتل ڪيا ويا ۽ نہ ڄاڻ ڪيترن کي زھر ڏنو ويو. ان جي باوجود اڄ دنیا آلِ رسول جي نسل سان جھلڪي رھي آھي. عالم ۾ ڪوئي حصو اھڙو مشڪل سان ھوندو جٿي ھن خاندان جا ماڻھو موجود نہ ھجن. جڏھن تہ رسول جا دشمن جن جي ان وقت ڪثرت سان اولاد موجود ھئي ائين فنا ٿي جو اڄ انھن جو نالو نشان ئي ڪو نہ ٿو اچي. ھيءَ آھي قرآن جي سچائي ۽ رسول جي صداقت جو جيئرو ثبوت جيڪو دنیا جي اکين آڏو ھميشہ لاءِ موجود آھي ۽ ان ڪري امام حسن رضي اللہ تعالي عنہ جي پیدائش سان پیغمبر کي اھا ئي خوشي نہ تٿي جھڙي ھڪ ناني کي ڏوھٽي جي پيدائش تي ٿيڻ گھرجي. پر پاڻ کي خاص مسرت ھيءَ ٿي تہ سندن جي سچائيءَ جي پھرين نشاني دنیا جي سامھون آئي. ستين ڏينھن عقیقي جي رسم ادا ٿي ۽ پیغمبر بحڪمِ خدا پنھنجي ھن پٽڙي جو نالو حسن رکيو. ھي نالو اسلام کام پھريون نہ ھوندو ھو. ھي سڀ کان پھريون پیغمبر جي انھيءَ پٽ جو ناءُ ٿيو. حسین انھن جي ننڍي ڀاءُ جو ناپو بہ بس انھن سان ئي مخصوص ھو. انھن کان پھريون ڪنھنن جو ھي نالو نہ ٿيو ھو. سندن جي ولادت کان پوءِ سندن جي ناني محمد صلي الله عليه وسلم سندن جي کٻي ڪن ۾ اذان ۽ کٻي ڪن ۾ اقامت فرمائڻ کان پوءِ پنھنجي زبان پنھنجي ڏوھٽي ۾ وات ۾ ڏني جنھن کي ھُو چُوسڻ لڳا. ان کان پوءِ پاڻ صلي الله عليه وسلم جن دعا فرمائي تہ اي الله ھن کي ۽ ھن جي اولاد کي پنھنجي پناه ۾ رکجان.
نسب نامو
[سنواريو]صلح جون شرطون
[سنواريو]In صلح نامي جا پورا شرط ھيٺيان لکيل ھئا.
- ھي تہ امیر معاويہ حڪومتِ اسلام ۾ ڪتابِ خدا ۽ سنتِ رسول تي عمل ڪندا.
- ٻيو ھي تہ امیر معاویہ کي پاڻ کان پوءِ ڪنھن خليفي کي چُونڊڻ جو حق نہ ھوندو.
- ھي تہ شام ۽ عراق ۽ حجاز ۽ یمن سڀ جگھن جي ماڻھن جي لاءِ امان ھوندي.
- ھي تہ علي علیہ السّلام جا صحابي ۽ شیعا جٿي بہ آھن انھن جي جان ۽ مال ۽ عزت ۽ اولاد محفوظ رھندا.
- امیر معاویہ حسن علیہ السّلام ابن علي علیہ السّلام ۽ انھن جو ڀاءُ حسین علیہ السّلام ابن علي علیہ السّلام ۽ خاندانِ رسول مان ڪنھن کي بہ ڪوئي ڪوئي نقصان پھچائڻ يا ھلاڪ ڪرڻ جي ڪوشش نہ ڪندو نہ خفیہ طریقي سان نہ اعلانیہ ۽ انھن مان ڪنھن کي ڌمڪايو ۽ ڊيڄاريو نہ ويندو.
- جناب امیر علیہ السّلام جي شان ۾ اڻوندڙ ڪلما جيڪي ھينئر تائين جامع مسجد ۽ قنوت نماز ۾ استعمال ٿيندا رھيا آھن اھي ڇڏيا وڃن. آخري شرط جي منظوريءَ ۾ امیر معاویہ کي عذر ھجي تہ ھي طئي ٿيو تہ گھٽ ۾ گھٽ جنھن موقعي تي حسن بن علي موجود ھجن ۽ ان موقعي تي ائين نہ ڪيو وڃي. ھي معاھدو ربیع الاول یا جمادی الاول 41ھ تي عمل ۾ آيو.
حوالا
[سنواريو]- ↑ "Imam Hassan as". Duas.org. وقت 29 December 2017 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل 31 July 2018. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Shabbar, S.M.R. (1997). Story of the Holy Ka'aba. Muhammadi Trust of Great Britain. http://www.al-islam.org/story-of-the-holy-kaaba-and-its-people-shabbar/second-imam-al-hasan. Retrieved 30 October 2013.
- ↑ Shaykh Mufid. Kitab Al Irshad. p.279-289 آرڪائيو ڪيا ويا 27 December 2008 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين..
- ↑ Hasan b. 'Ali b. Abi Taleb آرڪائيو ڪيا ويا 1 January 2014 حوالو موجود آهي وي بيڪ مشين., Encyclopedia Iranica.
- ↑ Suyuti, Jalaluddin (1881). تاریخ الخلفاء. https://books.google.com/?id=YFtHAQAAMAAJ&pg=PR1&dq=Jalaluddin+Suyuti+%22History+of+the+Caliphs%22#v=onepage&q=Jalaluddin%20Suyuti%20%22History%20of%20the%20Caliphs%22&f=false. Retrieved 31 July 2018.
- ↑ Ayati, Dr. Ibrahim. "A Probe into the History of Ashura'". Al-Islam.org. Ahlul Bayt Digital Islamic Library Project.
- ↑ Donaldson, Dwight M. (1933). The Shi'ite Religion: A History of Islam in Persia and Irak. Burleigh Press. pp. 66–78. https://ia800403.us.archive.org/34/items/DonaldsonDwightM.1933TheShiiteReligion/Donaldson%2C%20Dwight%20M.%201933%20-%20The%20Shi%27ite%20Religion.pdf.
- ↑ Jafri, Syed Husain Mohammad (2002). "Chapter 6". The Origins and Early Development of Shi'a Islam. Oxford University Press. ISBN 978-0195793871.
- ↑ Madelung 1997.
- ↑ Tabåatabåa'åi, Muhammad Husayn (1981). A Shi'ite Anthology. Selected and with a Foreword by Muhammad Husayn Tabataba'i; Translated with Explanatory Notes by William Chittick; Under the Direction of and with an Introduction by Hossein Nasr. State University of New York Press. p. 137. ISBN 9780585078182.
- ↑ Lalani, Arzina R. (9 March 2001). Early Shi'i Thought: The Teachings of Imam Muhammad Al-Baqir. I. B. Tauris. p. 4. ISBN 978-1860644344.
- ↑ حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedMomen