ٽيڪساس
ٽيڪساس | |||
---|---|---|---|
State | |||
ٽيڪساس جي رياست | |||
| |||
عرفيت: اڪيلي تاري واري رياست | |||
نعرو: دوستي | |||
ترانو: "Texas, Our Texas" | |||
Map of the United States with ٽيڪساس highlighted | |||
Country | United States | ||
Before statehood | ريپبلڪ آف ٽيڪساس | ||
Admitted to the Union | 29 ڊسمبر 1845 (28th) | ||
Capital | آسٽن | ||
Largest city | ھوسٽن | ||
Largest metro and urban areas | ڊالاس–فورٽ ورٿ | ||
حڪومت | |||
• Governor | Greg Abbott (R) | ||
• Lieutenant Governor | Dan Patrick (R) | ||
پکيڙ | |||
• ڪل | 268,596[1] ميل2 (695,662 ڪ.م2) | ||
• زميني | 261,232[1] ميل2 (676,587 ڪ.م2) | ||
• آبي | 7,365[1] ميل2 (19,075 ڪ.م2) 2.7% | ||
پکيڙ ۾ درجو | 2nd | ||
Dimensions | |||
• ڊيگھ | 801[2] mi (1,289 kميل) | ||
• ويڪر | 773[2] mi (1,244 kميل) | ||
بلندي | 1,700 ft (520 ميل) | ||
بلند ترین پیمائش (Guadalupe Peak[3][4][5]) | 8,751 ft (2,667.4 ميل) | ||
گھٽ ترین پیمائش (Gulf of Mexico[4]) | 0 ft (0 ميل) | ||
آبادي (2020) | |||
• ڪل | 29,145,505[6] |
ٽيڪساس (Texas) آمريڪا جي گڏيل رياستن مان ھڪ رياست جيڪا آباديءَ توڙي پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن رياست جون سرحدون اوڀر ۾ لوئيزيانا، اتر اوڀر ۾ ارڪنساس، اتر ۾ اوڪلاھوما ۽ اولھ ۾ نيو ميڪسيڪو رياستن سان ملن ٿيون. ڏکڻ ۾ ھن رياست جون سرحدون ميڪسيڪو سان وڃي ملن ٿيون. ميڪسيڪو جی نار ھن جي ڏکڻ ۾ موجود آھي. ھیوسٽن ھن رياست جو آباديءَ جي لحاظ کان وڏي ۾ وڏو شھر ۽ سان انتونيو ٻيو نمبر وڏو شھر آھي. آسٽن ھن رياست جي گاديءَ ھو ھنڌ آھي.
ٽيڪساس اصل ۾ اصلوڪن آمريڪي لوڪن جي ڪيڊو ٻوليءَ جي لفظ ”ٽيشا“ (Taysha) مان ورتل آھي جنھن جي معنيٰ آھي ”دوست“. ٽيڪساس کي اڪيلي تاري واري رياست (Lone Star State) پڻ ڪوٺيو وڃي ٿو، ڇاڪاڻ جو ھن رياست جي جھنڊي ۾ ھڪ اڇي رنگ جو تارو شامل آھي.
اسپين يورپ جو پھريون ملڪ ھو جنھن ٽيڪساس واري علائقي تي پنھنجي حڪومت قائم ڪئي. فرانس بہ ٿوري عرصي تائين ھتان جي ڪجهه علائقن تي قابض رھيو. 1836ع تائين ھي علائقو ميڪسيڪو حڪومت جو حصو رھيو. 1845ع ۾ ھن کي آمريڪا جي 20 رياست بڻائڻ جو اعلان ڪيو ويو. مختلف قومن جي تسلط ۽ خانہ جنگين سببان گهڻي عرصي تائين ھيءَ رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيسجندي رھي. پر ٻي عالمگير جنگ کان اڳ چوپايو مال، ڪپھ، ڪاٺ ۽ تيل ھتان جي معيشيت کي ھٿي وٺائڻ جا مکيہ ڪارڻ رھيا.
آمريڪا جي گھرو ويڙھ (Civil War) کان اڳ ۽ پوءِ چوپايو مال ھتان جي سڀ کان اھم صنعت ھئي البت 19ھين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ ڪپھ جي پيداوار ۽ ڪاٺ ھتان جي معيشيت ۾ ڪرنگھي جي ھڏي واري حيثيت حاصل ڪري ورتي[10]. اڳتي ھلي جڏھن ھتان تيل جا ذخيرا ھٿ آيا تہ ھن رياست جي خوشحاليءَ کي چار چنڊ لڳي ويا ءَ اھڙيءَ ريت ويھين صديءَ ۾ ھن رياست ترقيءَ ۽ خوشحاليءَ جون نيون منزلون ماڻيون. ويھين صديءَ جي وچ ڌاري ھتي صنعتن جو ڄار پکڙجي ويو. ھن وقت ھيء رياست سياحت، زراعت، پيٽرول ۽ ڪيميائي شين جي صنعتن (Petrochemicals)، ڪمپيوٽر، اليڪٽرانڪس، ھوابازي، جيو طب (Biomedical) ۽ ٻين اھم شعبن ۾ آمريڪا جي ڪيترين ئي رياستن کان گوءِ کڻي وئي آھي.
تاريخ
[سنواريو]يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ جي تاريخ
[سنواريو]يورپي لوڪن جي اچڻ کان اڳ ھي علائقو اصلوڪن آمريڪي لوڪن جو مسڪن ھو. ھتي ڪيترائي ننڍا وڏا قبيلا آباد ھئا جن جون پنھنجون پنھنجون ريتون رسمون ھيون. انھن قبيلن ۾ ڪيڊون (Caddoan)، اتاڪاپان (Atakapan)، اٿابسڪان (Athabaskan)، ڪوھلٽيڪان (Kohuiltecan) ۽ اوتو ازٽيڪان (Uto-Aztecan) وڌيڪ مشھور ھئا. اوتو ازٽيڪان قبيلي جا ماڻھو ھن رياست جي اولاھن علائقن .۾ ريو گرينڊ (Reo Grande) جي آسپاس آباد ھئا. اٿابسڪان (Athabaskan) ٻولي ڳالھائيندڙ اپاچي قبيلا رياست جي اندروني علائقن جا رھواسي ھئا. ڪيڊون قبيلن جو ڳاڙھي نديءَ واري علائقي تي ڪنٽرول ھو. رياست جي ڏکڻ ۾ اراناما (Aranama) نالي ھڪ قبيلو اباد ھو. افسوس جو ھن قبيلي جو ڪوبہ نالو نشان باقي نہ رھيو آھي. موجودھ ٽيڪساس ۾ اصلوڪن امريڪي قبيلن جي ثقافت، رھڻي ڪرڻي ۽ ريتن رسمن جو ڪوبہ نالو نشان نہ رھيو آھي. ھتي ڀانت ڀانت جا ماڻھو اچي گڏ ٿيا آھن. جيتوڻيڪ اصلوڪن ماڻھن جا ڪجهه قبيلا اڄ بہ ٽيڪساس جي حدن اندر آباد آھن پر ھو پنھنجو اثررسوخ گھڻي حد تائين وڃائي چڪا آھن[11].
جڏھن يورپي لوڪ ھتي پھتا تہ اصلوڪن رھواسين جي ڪجهه قبيلن ھنن جو آڌرڀاءُ ڪيو ۽ ھنن جي ھتان جي فصلن، کاڌي پيتي ۽ شڪار بابت رھنمائي ڪندا رھيا. البت ڪجهه جنگجو قبيلن ڌارين سان مھاڏو اٽڪايو ۽ ڌارين کي پنھنجي ديس مان تڙي ڪڍڻ جي جدوجھد ڪئي. 1830ع ڌاري يورپي لوڪن اصلوڪن رھواسين جون زمينون ضبط ڪري ورتيون ۽ اصلوڪا رھواسي اوڪلاھوما ۽ ٻين علائقن طرف لڏپلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿي پيا.
يورپي لوڪن جي آمد
[سنواريو]1519ع ۾ ھڪ اسپيني سياح گلف ڪوسٽ (Gulf Coast) جو نقشو ٺاھيو جيڪو اڄ تائين رڪارڊ ۾ موجود آھي. نو سال پوءِ اسپيني سياح ڪيبيزا ڊي ويڪا (Cabeza de Vaca) پنھنجي ساٿين سميت ٽيڪساس واري علائقي ۾ اچي پنھنجا ّخيما کوڙيا. ھن ھتان جي اصلوڪن رھواسين بابت ھيٺيان ويچار ونڊيا آھن[12]: ” ھو باھ جون اماڙيون کڻي ميدانن ۽ ڪکن پنن کي باھيون ڏيڻ لڳا تہ جيئن مڇرن کي ڀڄائي سگھجي. انھيءَ باھ لڳائڻ سان زمين مان سانڊيون ۽ ٻيا جيو نڪري اچن ٿا جيڪي ھو کائيندا آھن. ساڳئي ئي طريقي سان ھو ھرڻن جو شڪار ڪن ٿا. باھ جون اماڙيون کڻي ھرڻ جي چوڌاري گھيرو ڪن ٿا ۽ ھن کي سوگھو ڪري وٺن ٿا. ھتي ٻہ قبيلا ڪيوريچوس (Querechos) ۽ تياس (Teyas) آباد آھن. ٻنھي قبيلن جا ماڻھو ھڪٻئي جا دشمن آھن. ھنن جي سڄي جسم تي چٽسالي ٿيل ھوندي آھي. ھو خانہ بدوش آھن ۽ ڍڳين جا ولر ڪاھي ھڪ ھنڌان ٻئي ھنڌ پيا گھمندا آھن. ھو گوشت خور آھن ۽ ڪچو گوشت بہ کائي ويندا آھن. جڏھن ھنن کي اڃ لڳندي آھي تہ جانورن جو رت پيئڻ کان بہ نہ مڙندا آھن. ھو وڏن لڪڙن سان ٻڌل تنبو گھرن طور استعمال ڪن ٿا. لڏپلاڻ دوران ھو ڪتن جي پٺين سان سامان ٻڌي ڇڏيندا آھن ۽ اھي ڪتا اھو سامان گھليندا ھلندا ويندا آھن“.
1685ع ۾ ٽيڪساس ۾ پھرين يورپي ڪالوني قائم ڪئي وئي پر نامناسب حالتن ۽ اصلوڪن آمريڪين جي سخت مخالفت سبب اھا ڪالوني چئن سالن کان پوءِ ختم ڪئي وئي. سترھين صديءَ جي پڇاڙڪن سالن ۾ ھتي فرانس پنھنجا پير پڪا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي پر اسپين انھيءَ کي منھن ڏيڻ لاٰءِ وڏي تعداد ۾ پنھنجا ماڻھو ھن علائقي ۾ آباد ڪرڻ شروع ڪيا. 1718ع ۾ اسپين پنھنجي ماڻھن جي آبادڪاريءَ لاءِ سئن اينتونيو (San Antonio) شھر جو بنياد رکيو. اصلوڪن آمريڪي لوڪن جي حملن سبب اسپين جي لوڪن جي چرپر انتھائي محدود رھي ۽ ٽيڪساس اسپين جو سڀ کان گھٽ آباديءَ وارو صوبو رھيو. اصلوڪن لوڪن جي قبيلن جي باھمي اختلاف ۽ يورپين جي وڌندڙ تعداد سبب 18ھين صديءَ جي پوئين اڌ ۾ اسپين ھتي پير پختا ڪري ورتا. 1821ع ۾ ھيءُ علائقو ميڪسيڪو جي قبضي ۾ اچي ويو. ميڪسيڪو حڪومت ٽيڪساس جي آدمشماري وڌائڻ لاءِ پنھنجون اميگريشن پاليسيون نرم ڪيون. نتيجي ۾ يورپ، آمريڪا جي ٻين رياستن ۽ ميڪسيڪو جي اندروني علائقن مان ڪيترائي ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيا. 1825غ ۾ ھتان جي آدمشماري 3500 ھئي جيڪا 1834ع ۾ 37600 تائين پھچي وئي. 1836ع ۾ ٽيڪساس ھڪ آزاد جمھوري ملڪ بنجي ويو. 29 ڊسمبر 1845ع تي ٽيڪساس کي آمريڪي رياست بنائڻ جو اعلان ڪيو ويو. ٽيڪساس جي آمريڪي رياست بنجڻ سبب ميڪسيڪو ۽ آمريڪا جا لاڳاپا خراب ٿي ويا ۽ ٻنھي ملڪن جي وچ ۾ مختلف ھنڌن تي جنگيون لڳيون جن ۾ آمريڪا سوڀارو ٿيو. اڳتي ھلي آمريڪا ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ ھڪ ٺھراءُ پاس ٿيو جنھن تحت آمريڪا کي ٽيڪساس جو مڪمل اختيار ملي ويو جنھن جي عيوض آمريڪا ھڪ ڪروڙ 82 لک 50 ھزار ڊالر ميڪسيڪو کي ادا ڪيا. اصلوڪن آمريڪي رھواسين جي اڪثريت کي غلام بنايو ويو. ھڪ رپورٽ موجب 1850ع کان 1860ع جي وچ ۾ 58000 کان 182566 اصلوڪن آمريڪين کي غلام بنائي سڄي دنيا ۾ وڪرو ڪيو ويو.
گھريلو ويڙھ کان 19ھين صديءَ جي پڄاڻيءَ تائين
[سنواريو]1860ع وارين چونڊن کان پوءِ ٽيڪساس ھڪ ڀيرو ٻيھر گھرو ويڙھ جي ور چڙھي ويو. ان وقت ھتان جي آباديءَ جو 30 سيڪڙو ڪاري چمڙيءَ وارا شيدي ھئا جن مان اڪثر کي غلام بنايو ويو ھو. ابراھم لنڪن جي صدر بنجڻ کان پوءِ سائوٿ ڪيرولينا آمريڪا جي گڏيل رياستن کان علحدگيءَ جو اعلان ڪيو. ڏسندي ئي ڏسندي آمريڪا جي ڏاکڻئين علائقي جي وڌيڪ پنجن رياستن آمريڪا کان جدا ٿيڻ جو اعلان ڪيو. 1 فيبروري 1961ع تي ٽيڪساس بہ آمريڪي رياستن کان الڳ ٿيڻ جو اعلان ڪيو. ساڳئي سال 4 مارچ تي ٽيڪساس ۽ ٻين آمريڪا کان الڳ ٿيل رياستن پاڻ ۾ ملي ”ڪنفيڊريشن رياستن“ جي صورت اختيار ڪئي. ڪافي جنگين ۽ خون خرابي کان پوءِ 1870غ ۾ ٽيڪساس کي ھڪ ڀيرو ٻيھر آمريڪا جي رياست بنايو ويو. گھريلو جنگين ۽ بدامنيءَ جي ڪري سڄي رياست غربت جي گھاڻي ۾ پيڙجي رھي ھئي. ڳچ عرصي تائين ھيءَ رياست آمريڪا جي بدنام ترين رياست بنيل رھي. ماڻھو قرضن ۽ ٽيڪس کان بچڻ لاءِ ھن رياست ۾ اچي گم ٿي ويندا ھئا. پر پوءِ آھستي آھستي رياست ترقيءَ طرف وکون کڻڻ شروع ڪيون. شروع ۾ چوپائي مال ھتان جي معيشيت کي ھٿي ڏني، ان بعد ڪڻڪ ۽ عمارتي ڪاٺ ھتان جي اھم صنعتن ۾ شمار ٿيڻ لڳا. ٽيڪساس کي ريل ۽ سمنڊ وسيلي آمريڪا جي ٻين حصن سان ڳنڍيو ويو. 20ھين صديءَ جي شروع وارن سالن ۾ عمارتي ڪاٺ ھتان جي وڏي ۾ وڏي صنعت جو درجو اختيار ڪري ورتو.
ويھين صديءَ جو پھريون اڌ
[سنواريو]1900ع ۾ ھتي گيلويسٽن (Galveston) نالي ھڪ وڏو سامونڊي طوفان آيو جنھن جي ڪري ڪافي جاني ۽ مالي نقصان ٿيو. تاريخ 10 جنوري 1901ع تي ٽيڪساس ۾ پھريون تيل جو ذخيرو ھٿ آيو. اھو موجوھہ ٽيڪساس جي شھر بيومونٽ (Beaumont) جي ڏاکڻئين علائقي مان لڌو ھو. بعد ۾ ٽيڪساس جي اوڀر، اولہ ۽ ميڪسيڪو واري نار منجھان تيل جا ذخيرا ھٿ آيا. تيل جي پيداوار ٽيڪساس جي معيشيت کي چارچنڊ لڳائي ڇڏيا. 1972ع ۾ ھتي تيل جي پيداوار 30 لک بيرل ھئي. 1901ع ۾ ھتان جي حڪومت عام چونڊن ۾ ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ لاءِ ٽيڪس لاڳو ڪيو. ھن ڪاري قانون سبب ھتان جي اصلوڪن آمريڪين ۽ لاطيني نسل جي ڪاري چمڙيءَ وارن غريب مانھن کان ووٽ جو حق کسيو ويو. ڪجهه علائقن ۾ تہ فقط اڇي چمڙيءَ وارن کي ووٽ جو حق ڏنو ويو. ويھين صديءَ جي پھرين ٽن ڏھاڪن ۾ ھتي مٽيءَ جا وڏا طوفان آيا جنھن ڪري ھتي ڏڪار واريون حالتون پيدا ٿي پيون. وڌندڙ حق تلفين ۽ قدرتي آفتن سبب ھتان جي ڪاري چمڙيءَ وارن اصلوڪن رھواسين کي ڪئليفورنيا ۽ آمريڪا جي ٻين علائقن طرف ھجرت ڪرڻي پئي. 1840ع ۾ ھتي ڪاري چمڙيءَ وارن لوڪن جو تعداد فقط 14.4 سيڪڙو رھجي ويو. جڏھن تہ اڇي چمڙيءِ وارن يورپي نسل وارن لوڪن جو تناسب 40 سيڪڙو ثي ويو، جڏھن تہ اسپيني نسل وارن ماڻھن جو آباديءَ ۾ تناسب 15 سيڪڙو ھو. ٻي عالمي جنگ ۾ ھتان جي معيشيت ۾ ڊرامائي تبديليون آيون. ھتي ڪيتريون ئي فوجي ڇانوڻيون قائم ٿي ويون. ڪيتريون ئي نيون صنعتون قائم ثيون ۽ وڏي تعداد ۾ تعليمي ادارا قائم ثيا. خاص طور تي ھٿيارن ٺاھڻ جا ڪيترائي ڪارّخانا قائم ٿيا جنھن ڪري ھتان جي معيشيت کي وڏي ھٿي ملي. 1960ع واري ڏھاڪي ۾ ھتي اعليٰ تعليم جا ڪيترائي ادارا قائم ثيا.
ويھين صديءَ جو پويون اڌ
[سنواريو]ويھين صديءَ جي پوئين اڌ کي ٽيڪساس جي ترَقيءَ جو دور چئجي تہ غلط نہ ثيندو. آمريڪا جي ٻين رياستن مان ماڻھو لڏي اچي ھتي آباد ٿيڻ لڳا جنھن ڪري ھتان جي آدمشماريءَ ۾ وڏو واڌارو آيو، خاص طور تي 1970ع ۽ 1980ع وارن ڏھاڪن ۾ وڏي ترقي آئي.
ايڪويھين صديءَ جي شروعات
[سنواريو]سن 1900ع کان 2019ع تائين ڪئليفوريا کان ڪيتريون ئي صنعتون ھن رياست ۾ منتقل ٿيون. ھتي ماڻھو وڏي تعداد ۾ روزگار لاءِ اچڻ لڳا. اڄڪلھ ھيءَ رياست آمريڪا جي مالدار رياستن مان ھڪ آھي.
ڪووڊ 19 (Covid-19) جي وبا آمريڪا جي ٻين رياستن وانگر ھن رياست کي بہ پنھنجي لپيٽ ۾ آڻي ڇڏيو. ھتي ڪووڊ19 جو پھريون ڪيس 4 مارچ 2020ع تي رڪارڊ ٿيو. نومبر 2020ع ۾ ٽيڪساس آمريڪا جي انھن چئن رياستن ۾ شامل ڪئي وئي جن کي فائزر ويڪسين لڳائڻ لاءِ چونڊيو ويو. 2 فيبروري 2021ع ۾ ھتي 2.4 ملين ماڻھو ڪووڊ 19 کان متاثر ٿي چڪا ھئا. 13 کان 17 فيبروري 2021ع تي ھتي وڏو برفاني طوفان آيو جنھن ڪري ايمرجنسيءَ جھڙي صورتحال پيدا ٿي پئي.
جاگرافي
[سنواريو]ٽيڪساس پکيڙ جي لحاظ کان آمريڪا جي ٻيو نمبر وڏي رياست آھي. ھن جي ڪل پکيڙ 268820 چورس ميل (696200 چورس ڪلوميٽر) آھي. ھيءَ رياست پکيڙ ۾ فرانس کان %10 وڏي آھي. جڏھن تہ ھن جي پکيڙ جاپان يا جرمنيءَ کان لڳڀڳ ٻيڻي آھي. ٽيڪساس جيڪڏھن آزاد ملڪ ھجي ھا تہ اھو دنيا جو 39ھون وڏو ملڪ ھجي ھا.
ھيءَ رياست بيھڪ جي لحاظ کان آمريڪا جي ڏکڻ ۾ واقع آھي. ھن جي ٽن سرحدن وٽ نديون وھن ٿيون. ريو گرانڊي (Rio Grade) ندي ٽيڪساس ۽ ميڪسيڪو جي وچ ۾ قدرتي سرحد جو ڪردار ادا ڪري ٿي. ڳاڙھي ندي (Red River) ٽيڪساس کي اوڪلاھوما (Oklahoma) ۽ ارڪنساس (Arkansas) کان الڳ ڪري ٿي جڏھن تہ سبائين ندي (Sabine River) ٽيڪساس ۽ لئيزيانا (Louisiana) جي وچ ۾ قدرتي سرحد ٺاھي ٿي.
ٽيڪساس ۾ سال ۾ ڏھ موسمون ٿين ٿيون، جڏھن تہ ھتي جي زمين جي مٽي (soil) 14 قسمن جي آھي. ھن رياست کي 11 ماحولياني علائقن (Ecological Regions) ۾ ورھائي سگھجي ٿو. مختلف ماحول، موسمن ۽ زميني بناوت سبب ھتي قسمين قسمين وڻ ٽڻ، ٻوٽا۽ جانور ملن ٿا. ھڪ اندازي موجب ھتي 65 قسمن جا کير پياريندڙ جانور، 213 قسمن جا ريڙھيون پائيندڙ جانور ۽ 590 قسمن جا پکي ملن ٿا.
ٽيڪساس ۾ 3700 نديون ۽ نالا وھن ٿا جن ۾ 15 وڏا درياءُ بہ شامل آھن. ھن جو سڀ کان وڏو درياءُ ريو گرانڊي آھي، جيتوڻيڪ ھتي قدرتي ڍنڍون نہ ھئڻ جي برابر آھن پر 100 کان بہ وڌيڪ ھٿرادو ڍنڍون موجود آھن.
جھنگلي جيوت
[سنواريو]ٽيڪدساس ۾ ڪيترن ئي قسمن جا جانور، ٻوٽا، پکي ۽ جيت ملن ٿا. ھڪ اندازي موجب، آمريڪا جي ھن رياست ۾ 65 قسمن جا کير ڌارائيندڙ جانور، 213 قسمن جا ريڙھيون پائيندڙ جانور ۽ 590 قسمن جا پکي موجود آھن[13]. ھتي ڪيترن ئي قسمن جا جيت ۽ ڪيڙا ماڪوڙا بہ ملن ٿا. بھار جي مند ۾ ڪيترائي جھنگلي گلاب ماحول کي معطر بنائن ٿا. ھتان جي قومي گل جو نالو بلو بونيٽ (Bluebonnet) آھي. ٽيڪساس جي تقريبن ھر وڏي شاھراھ جي ٻنھي پاسن تي اوھان کي بلوبونيٽ جون قطارون نظر اينديون.
آبھوا
[سنواريو]ٽيڪساس جي مختلف حصن جي آبھوا مختلف آھي. ھن رياست جو پان ھينڊل (Panhandle) وارو علائَقو اترين علائقن کان وڌيڪ ٿڌو آھي, جڏھن تہ سامونڊي ڪناري واري علائقي ۾ سياري ۾ گھڻي ٿڌ نہ ٿيندي آھي. رياست جي اولاھن علائقن ۾ سال ۾ سراسري طور 7.8 انچ (220 ملي ميٽر) برسات وسي ٿي[14] جڏھن تہ ڏاکڻين علائقن ۾ سال ۾ سراسري طور 64 انچ (1600 ملي ميٽر) مينھن وسي ٿو[15]. ڊالاس (Dallas) جي آسپاس برسات وسڻ جي سالياني شرح 37 انچ (940 ملي ميٽر) آھي[16].
سياري جي موسم ۾ پان ھينڊل ۽ اولاھين جابلو علائقي ۾ برفباري ٿئي ٿي. اونھاري ۾ اولہ ٽيڪساس ۽ گيلويسٽن ٻيٽ وارن علائقن ۾ وڌ ۾ وڌ گرميءَ جو درجو 26 ڊگري سينٽي گريڊ کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ رھي ٿو. البت ٽيڪساس جي اڪثر علائقن ۾ اونھاري ۾ سراسري گرميءَ جو درجو 32 ڊگري سينٽي گريڊ جي آسپاس ھوندو آھي.
ٽيڪساس ۾ ھر سال ڪيترائي سامونڊي طوفان ۽ واچوڙا ايندا رھندا آھن. خا ص طور تي اوڀريان ۽ اتريان علائقا طوفانن جي زد ۾ رھندا آھن. ھتي سال ۾ سراسري طور تي 139 طوفان اچن ٿا[17]. ھر سال اپريل، مئي ۽ جون ۾ ھيءَ رياست طوفانن جي عتاب ھيٺ رھي ٿي. آمريڪي تاريخ جا ڪيترائي موتمار طوفان ھن رياست کي پنھنجي لپيٽ ۾ وٺي چڪا آھن.
شھر | آگسٽ (°F) | آگسٽ (°C) | جنوري (°F) | جنوري (°C) |
---|---|---|---|---|
ھوسٽن | 94/75 | 34/24 | 63/54 | 17/12 |
سئن انتونيو | 96/74 | 35/23 | 63/40 | 17/5 |
ڊالاس | 96/77 | 36/25 | 57/37 | 16/3 |
آسٽن | 97/74 | 36/23 | 61/45 | 16/5 |
ال پيسو | 92/67 | 33/21 | 57/32 | 14/0 |
لاريڊو | 100/77 | 37/25 | 67/46 | 19/7 |
اماريلو | 89/64 | 32/18 | 50/23 | 10/−4 |
برائونسول | 94/76 | 34/24 | 70/51 | 21/11 |
انتظامي جوڙجڪ
[سنواريو]ٽيڪساس جي ٽن شھرن ھوسٽن (Houston)، سئن اينتونيو (San Antonio) ۽ ڊالاس (Dallas) جي ابادي ڏھن لکن کان مٿي آھي. ھنن ٽنھي شھرن جو شمار آمريڪا جي ڏھن وڏن شھرن ۾ ٿئي ٿو. 2020ع واري آدمشماريءَ مطابق ٽيڪساس جي ڇھن شھرن جي آبادي ڇھن لکن کان وڌيڪ آھي. آسٽن، فورٽ ورٿ ۽ ال پيسو آمريڪا جي ويھن وڏن شھرن ۾ شمار ٿين ٿا.
ٽيڪساس ۾ ڪيترائي ننڍا ننڍا ڳوٺ آباد آھن جن کي ڪولونيا (Colonias) ڪوٺيو وڃي ٿو. 2011ع ۾ ھتي 2294 ڪولونياس آباد ھئا جن ۾ لڳڀڳ پنج لک ماڻھو آباد ھئا. انتظامي طور تي ھيءَ رياست 254 ڪائونٽيز(Counties) ۾ ورھايل آھي. ھر ڪائونٽي جو انتظام چار چونڊيل ڪمشنر ھلائين ٿا.
آدمشماري، رنگ ۽ نسل
[سنواريو]2020ع جي انگن اکرن مطابق، ٽيڪساس جي آدمشماري 29145505 آھي. ھڪ اندازي موجب، ھتان جي آباديءَ ۾ گذريل ڏھن سالن اندر 14.9 سيڪڙو واڌ آئي آھي. ھتان جي ڪل آباديءَ ۾ 17 سيڪڙو آبادي ٻاھرين ملڪن کان لڏي آيل ماڻھن تي مشتمل آھي. جن ٻاھرين ملڪن جا ماڻھو ھتي اچي آباد ٿيا آھن تن ۾ ميڪسيڪو، ھندستان، ايل سلواڊور، ويٽنام ۽ چين شامل آھن. پاڪستاني بہ چڱي تعداد ۾ ھتي آباد آھن. 2019ع جي انگن اکرن مطابق، ھن رياست جي آباديءَ جي گھاٽائي 34.9 في چورس ڪلوميٽر آھي، يعني ھڪ چورس ڪلوميٽر جي ايراضيءَ ۾ سراسري طور 34.9 ماڻھو آباد آھن. رياست جا 75 سيڪڙو ماڻھو وڏن شھرن جھڙوڪ ڊالاس، فورٽ وليم ۽ ھوسٽن وغيرہ ۾ رھن ٿا.
2019ع ۾ ھتان جي آباديءَ جو 41.2 سيڪڙو انھن ماڻھن تي مشتمل ھو جن جا وڏا يورپ مان لڏي اچي ھتي آباد ٿيا. انھن لوڪن ۾ برطانِيہ، جرمني، آئرلينڊ، اسڪاٽلينڊ، پولينڊ، فرانس ۽ ٻين يورپي ملڪن جي نسلن جا ماڻھو شامل آھن. البت اسپين مان لڏي آيل ماڻھو انھيءَ گروپ ۾ شامل نہ آھن. اسپين ۽ لاطيني نسلن سان واسطو رکندڙ لوڪ ڪل آباديءَ جو لڳڀڳ 37 سيڪڙو آھن. آفريقي آمريڪي ھتان جو ٽيون نمبر وڏو نسلي گروپ آھي. ھي گروپ ڪل آباديءَ جي 11.5 سيڪڙو ماڻھن تي مشتمل آھي ھن گروپ ۾ ڪاري چمڙيءَ وارا لوڪ شامل آھن. اصلوڪن آمريڪين جو تعداد ھن رياست مان گھڻو گھٽجي ويو آھي. ھتي ايشيا کان آيل ماڻھن جو بہ چڱو خاصو تعداد آباد آھي. 2018ع ۾ ھن رياست ۾ اٽڪل 70000 پاڪستاني آباد ھئا. اڪثر پاڪستاني ھوسٽن، آسٽن ۽ ڊالاس ۾ آباد آھن. ھنن ٽنھي شھرن ۽ ٽيڪساس جي ٻين ڪجهه شھرن ۾ پاڪستان ۽ ھندستان مان لڏي آيل سنڌي ڳالھائيندڙ ماڻھن جو بہ چڱو ڳاڻيٽو آھي.
مذھب
[سنواريو]ٽيڪساس جي اڪثريت عيسائي مذھب سان واسطو رکي ٿي. عيسائيت جي ٻنھي فرقن ڪيٿولڪ ۽ پروٽسٽنٽ جا پوئلڳ ھتي وڏي تعداد ۾ آباد آھن. ڪل آباديءَ جو اٽڪل 77 سيڪڙو عيسائي مذھب سان واسطو رکي ٿو[19]. ان کان علاوھ ھتي مسلمان (1 سيڪڙو)، يھودي (1 سيڪڙو)، ٻڌ (1 سيڪڙو)، ھندو ۽ ٻين مذھبن سان واسطو رکندڙ ماڻھو بہ آباد آھن. اٽڪل 13 سيڪڙو ماڻھو ڪنھن بہ مذھب سان سلھاڙيل نہ آھن.
حوالا
[سنواريو]- ↑ 1.0 1.1 1.2 حوالي جي چڪ: Invalid
<ref>
tag; no text was provided for refs namedfacts
- ↑ 2.0 2.1 Environment. Texas Almanac. 2008. http://texasalmanac.com/topics/environment/environment. Retrieved June 28, 2020.
- ↑ "El Capitan". NGS data sheet. U.S. National Geodetic Survey. حاصل ڪيل October 20, 2011.
- ↑ 4.0 4.1 "Elevations and Distances in the United States". United States Geological Survey. وقت July 22, 2012 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل October 24, 2011. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Elevation adjusted to North American Vertical Datum of 1988.
- ↑ "Historical Population Change Data (1910–2020)". Census.gov. United States Census Bureau. وقت April 29, 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل May 1, 2021. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ "Median Annual Household Income". The Henry J. Kaiser Family Foundation. حاصل ڪيل July 10, 2021.
- ↑ Texas—Languages. MLA. https://www.mla.org/map_data_results&state_id=48&mode=state_tops&ll=all. Retrieved April 15, 2010.
- ↑ "Languages in Texas". Statistical Atlas. وقت December 9, 2021 تي اصل کان آرڪائيو ٿيل. حاصل ڪيل January 10, 2022. Unknown parameter
|url-status=
ignored (مدد) - ↑ Ramos, M.G.; Reavis, D.J. (2004). Texas. Fodor's Travel Publications. pp. 125. ISBN 978-0-676-90502-1.
- ↑ Edmondson, J.R (2000). Alamo Story: From Early History to Current Conflicts. Republic of Texas Press. ISBN 978-1-55622-678-6.
- ↑ Chipman, D.E. Spanish Texas, 1519–1821. Austin, TX: University of Texas Press. ISBN 978-0-292-77659-3.
- ↑ Blackburn, Shannon. "Wildlife | Wild Texas Travel Guide". حاصل ڪيل 2021-11-03.
- ↑ "El Paso, Texas Travel Weather Averages (Weatherbase)". Weatherbase. حاصل ڪيل 2021-11-11.
- ↑ "Mauriceville, Texas Travel Weather Averages (Weatherbase)". Weatherbase. حاصل ڪيل 2021-11-11.
- ↑ "Weather averages Dallas-DFW Intl Arpt, Texas". www.usclimatedata.com. حاصل ڪيل 2021-11-11.
- ↑ "Wayback Machine". web.archive.org. حاصل ڪيل 2021-11-11.
- ↑ "Texas climate averages". Weatherbase. حاصل ڪيل November 10, 2015.
- ↑ NW, 1615 L. St; Washington, Suite 800; Inquiries, DC 20036 USA202-419-4300 | Main202-419-4349 | Fax202-419-4372 | Media. "Religion in America: U.S. Religious Data, Demographics and Statistics". Pew Research Center's Religion & Public Life Project. حاصل ڪيل 2021-11-19.
- اھي صفحا جيڪي سانچن جي سڏن ۾ ٻٽيون شيون استعمال ڪن ٿا
- صفحا جنم ۾ غير-انگي فارميٽ.نم آرگيومينٽ آھي
- حوالن ۾ چُڪَ وارا صفحا
- غيرمددي پيراميٽر سان حوالا تي مشتمل صفحا
- بهترين مضمون
- Use mdy dates from March 2022
- اڻٺڄاتل پيراميٽر سان ڄاڻخانو آباد ماڳ کي استعمال ڪندڙ صفحا
- اتر آمريڪا
- گڏيل رياستون
- گڏيل آمريڪي رياستون
- آمريڪا جون گڏيل رياستون
- گڏيل آمريڪي رياستن جون رياستون