مواد ڏانھن هلو

چاڪليٽ

کليل ڄاڻ چيڪلي، وڪيپيڊيا مان
ڇاپڻ لذئق نسخو هاڻي سپورٽ ٿيل نہ آهي ۽ رينڊرنگ ۾ غلطيون ٿي سگهن ٿيون. مھرباني ڪري پنھنجي برائوزر جي بڪ مارڪس کي اپڊيٽ ڪريو ۽ مھرباني ڪري ڊفالٽ برائوزر پرنٽ فنڪشن استعمال ڪريو.
چاڪليٽ جون ڏيٺيون

چاڪليٽ جو اصطلاح کاڌي پيتي جي ڪيترين اهڙين شين لاءِ استعمال ٿيندو آهي، جن جا جزا (Coca) ٻجن واري وڻ مان مختلف مقدار ۾ حاصل ڪيا ويندا آهن. سڄيءَ دنيا ۾ مختلف وڻن جي ٻجن مان چاڪليٽي مٺائي، آئيس ڪريم، ڪيڪ ۽ ٻيا ڪيترائي مشروبات استعمال ٿين ٿا.

شناخت

چاڪليٽ ٺاهڻ وارن وڻن جي سڀ کان پهرين شناخت ڏکڻ آمريڪا جي مايه (Maya) ۽ ايزٽڪ (Aztec) تهذيب جي ماڻهن ڪئي. اهي انهن وڻن جي ٻجن کي گهڻو ڪري مشروبات طور استعمال ڪندا هئا. اڄڪلهه چاڪليٽ سڄي دنيا ۾ Coca نالي وڻ جي ٻجن کي پيهي حاصل ڪيو وڃي ٿو. هنيئر گهڻيون چاڪليٽي شيون، ان ميوي جي نڪتل گوري ۾ کير، کنڊ ۽ ٻيون مختلف قسمن جون خوشبوئون وجهي تيار ڪيون وڃن ٿيون. ڪوڪا ٻجن مان چاڪليٽ جي جدا ڪرڻ ۽ استعمال ٿيڻ تائين ڪيترائي مرحلا طئي ڪرڻا پوندا آهن.

ٺاهڻ جو طريقو

چاڪليٽ ٺاهڻ لاءِ Coca جي ٻجن کي پيهڻ کانپوءِ ان کي ملائم شڪل ۾ تبديل ڪيو ويندو آهي. اهڙي نموني ڪاري چاڪليٽ، سفيد چاڪليٽ، سادي چاڪليٽ ۽ ملڪ چاڪليٽ کي مختلف جزن سان ترتيب ڏيئي ذائقيدار بڻايو ويندو آهي. چاڪليٽ سڄي دنيا ۾ شوق سان کاڌا ويندا آهن.[1]

حوالو

حوالا

  1. ڪتاب: انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا، جلد چوٿون، ڇپيندڙ: سنڌي لئنگئيج اٿارٽي (ISBN: 978-969-9098-80-2) سال: 2012